سنڌ جو شاهنامون يا ڪلهوڙن جي هار

سنڌ جو شاهنامون يا ڪلهوڙن جي هار

سنڌ جو شاهنامون يا ڪلهوڙن جي هار

سنڌ جو شاهنامون يا ڪلهوڙن جي هار (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف هز هائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر آهي. هن ڪتاب ۾ ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۽ ٽالپرن جي شروعاتي دؤر جي مڪمل منظوم تاريخ آهي. هي سڄي تاريخ، مثنويءَ جي بحر ۾ چيل آهي. هن مثنويءَ کي غلام نبي محمد وريل ائڊوڪيٽ مرتب ڪيو آهي.
مير محمد حسن جي احوال کانپوءِ مثنوي شروع ٿئي ٿي. ڪتاب ۾ مثنوي ڪل 56 بابن ۾ ورهايل آهي ۽ هر باب شروع ٿيڻ کان پهرين ان جي ’حاصل مطلب‘ جي عنوان سان تفصيلي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. 56 بابن ۾ تاليف جو سبب، ڪلهوڙن جو زوال، مير بهرام ۽ مير صوبدار جي شهادت، ميان سرفراز جو تخت تان لهڻ ۽ قيد ٿيڻ، ميان غلام نبي جو تخت تي ويهڻ، مير بجار خان جو سنڌ ۾ اچڻ، ميان غلام نبيءَ جو جنگ ۾ مارجڻ، ميان عبدالنبيءَ جو تخت تي ويهڻ، ميان عبدالنبيءَ جو قيد ۾ ميان سرفراز ۽ ٻين کي قتل ڪرائڻ، تيمور شاهه جي سنڌ تي ڪاهه، ميان عبدالنبيءَ جو مير بجار کي شهيد ڪرائڻ، ميان صادق عليءَ جو تخت تي ويهڻ، وري ميان عبدالنبيءَ جو تخت تي ويهڻ، مدد خان کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ، ميان عبدالنبيءَ جو مير عبدالله خان، مير فتح خان ۽ مير مرزي خان کي پاڻ وٽ ترسائي قتل ڪرائڻ، هالاڻيءَ جي جنگ لڳڻ، ڪلهوڙن جي شڪست ۽ ٽالپرن جي فتح، ٻن سالن کان پوءِ قلعو فتح ٿيڻ، مير فتح علي خان جو حاڪم ٿيڻ، مير صاحب جو دؤر، مير صاحب جي وفات، مير غلام علي جو تخت نشين ٿيڻ، مير غلام علي جو دؤر، مير غلام علي جي وفات، مير ڪرم علي جو تخت تي ويهڻ، مير ڪرم علي جي دؤر بابت تفصيل، مير ڪرم علي جي وفات وغيره. مثنويءَ جي آخر ۾ ’معنيٰ شرح‘ جي عنوان سان هڪ مڪمل باب آهي. هي مثنويءَ جو چوٿون حصو شايع ٿيو آهي. مڪمل مثنوي شايع ٿي نه سگهي. 190 صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز ۾ هي ناياب تاريخي ڪتاب مسلم ادبي پرنٽنگ پريس 1938ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ آنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو